رائونتي پوليس پاران ستاويھ ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل خير ايجنسي واسي عمران آفريدي کي مقابلي بعد بازياب

اوٻاوڙو رپورٽ محمد بچل گهنڃو ،، رائونتي پوليس پاران ستاويھ ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل خير ايجنسي واسي عمران آفريدي کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڏوھاري مغوي کي ھڪ ھنڌ کان ٻي ھنڌ منتقل ڪري رھيا ھئا ته مقابلو ٿي پيو ڏوھاري مغوي کي ڇڏي ڪمند جي فصل ۾ فرار ٿي ويا جن خلاف آپريشن جاري آهي جلد ڏوھارين کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو تفصيل موجب،رائونتي پوليس پاران ستاويھ ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل خيبر ايجنسي واسي عمران آفريدي کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي ان سلسلي ۾ سنڌ پوليس ۾ سٺي ساک رکندڙ ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته عمران آفريدي جي ڏوهارين پاران ڪجهه ڏينهن پهريان وحشياڻي تشدد جي ويڊيو وائرل ڪئي هئي جنھن بعد اسان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڏوهارين جي چرپر تي ناڪابندي ڪئي ته ڏوهاري آپريشن واري پريشر کان پڪي کڻي وڃي رهيا هئا ته مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي م خيبرپختونخواه واسي نوجوان عمران آفريد کي ڇڏي ڪمند جي فصل ۾ فرار ٿي ويا ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪمند جي فصل کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي وڌيڪ نفري به طلب ڪئي وئي آهي جلد ئي ڏوھارين کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ياد رھي ته مغوي ستاويھ ڏينھن اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿي ويو ھيو ٻئي پاسي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿيندڙ مغوي عمران آفريدي ڳالھائيندي چيو آھي ته ڌاڙيل بي رحماڻو تشدد ڪندا ھئا رائونتي پوليس جو ٿورائتو آهيان جن منھجي درندن کان جان آجي ڪرائي آھي

پنھنجي راءِ لکو