سکر(بيورورپورٽ)جيئي لطيف سنڌ سنگيت فنڪار ويلفئر ايسوسي ايشن سنڌ طرفان ٽن ڏينهن واري راڳ رنگ چيئرٽي پروگرام جو افتتاح سکر جي اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ ڪيو افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ارسلان اسلام شيخ چيو ته جيئي لطيف سنڌ سنگيت ويلفئر پاران برسات ٻوڏ متاثر فنڪارن جي مالي مدد لاء چيئرٽي پروگرام ڪرائڻ ساراھ جوڳو ڪم آھي ٻين فنڪار تنظيمن کي به اڳتي اچڻ گهرجي فنڪار ڪلاڪار اسان جي ملڪ جي فن ذريعي ملڪ کان ٻاهر به سڃاڻپ ڪرائن ٿا ۔ ارسلان اسلام شيخ جيئي لطيف سنڌ سنگيت ويلفيئر کي 50 هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻن جلال جوڳي۔ماسٽر فتح علي ۔محمد پناھ مهر۔حاجي علي حسن شيخ ۔محمد يونس چنا ۽ ٻين ارسلان اسلام شيخ جا ٿورا مڃيا ان کان اڳ اوڳوڻي ميئر سنڌ جي روايت موجب اجرڪ ۔۔جو تحفو پيش ڪيو جڏهن ته سنڌ جي ناليواري فنڪارن شمن علي ميرالي۔ذوالفقارعلي منگي۔جونيئر علڻ فقير۔جلال جوڳي۔ماسٽر فتح علي۔نائلا بابو۔بابو مستوئي۽ ٻين سروکيري سرد رات کي ڪلامن راڳن جي گرمي سان گرمائي ڇڏيو۔جڏهن پروگرام ۾ شهرين ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کان آيل وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري محفل موسيقي مان لطف ماڻيو۔
