سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊ، سمورا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب، ٻن ڏهاڪن کان پوءِ پهريون ڀيرو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سموري ڪابينا سال 2023ع لاءِ بنامقابلي چونڊجي وئي آهي، جنھن ۾ ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو جو حمايت يافته پروگريسو پينل جو صدر شفقت رحيم راجپوت، جنرل سيڪريٽري الاهي بخش ميتلو، نائب صدر راحب ملاڻو، جوائنٽ سيڪريٽري امتياز عباسي، فنانس سيڪريٽري زاهد علي شيخ، لائبريرين سيڪريٽري امجد علي گبول بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، رٽرننگ آفيسر ايڊشنل سيشن جج زڪاء اللله ابڙو مخالف پينل جي سمورن عهديدارن پاران هٿ کڻڻ کانپوءِ ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، بار جي ٻين وڪيلن پاران ڪامياب اميدوارن کي گلن جا هار پاريا ويا ۽ مبارڪون ڏنيون ويون، هوڏانهن سکر نيشنل پريس ڪلب جي صدر ساحل جوڳي ۽ سيڪريٽري رشيد رضا ۽ ٻين عهديدارن بار جي ڪامياب ڪابينا کي پڻ مبارڪ باد ڏيندي چيو ته اميد آهي ته ته نئين ڪابينا مظلوم ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
