ڪنڌڪوٽ:ڪشمور مان پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿيل غلام حسين جکراڻي جي وارثن جي يرغمالي جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ڪشمور مان پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿيل غلام حسين جکراڻي جي وارثن جي يرغمالي جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو. روڊ بلاڪ تي گذريل 7 ڪلاڪن کان ڪو به چونڊيل نمائندو ڳالهين لاءِ نه پهتو، مسافر ۽ ڊرائيور پريشان، ڪشمور جي حدن مان پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿيل غلام حسين جکراڻي جي وارثن انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي، وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان کي اغوا ٿيل پنج ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪشمور پوليس ٻه ڏينهن گذرڻ بعد به اسان جو نوجوان بازياب نه ٿي سگهيو ۽ ستن ڪلاڪن تائين ڪو به چونڊيل نمائندو ۽ ضلعي پوليس انتظاميه ڳالهائڻ لاءِ نه آيو، اسان چيف جسٽس آف پاڪستان آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا، ايس ايس پي ڪشمور زبير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي يرغمالي کي جلد بازياب ڪرائي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو