ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ بخشاپور لڳ مڇي جا ڀريل ڊالو ء ڪوچ م زوردار ٽڪر ھڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٽي زخمي اسپتال ڪشمور منتقل پوليس ڪوچ تحويل م وٺي ڇڏي مڙھ گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو ،تفصيل موجب بخشاپور لڳ انڊس ھاء وي ڊکڻ بنگلو وٽ مڇي سان ڀريل جيڪا صادق آباد وڃي رهي ته سامهون ايندڙ ڪوچ سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي م ڊالو جي مالڪ آباد علي جکراڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته فرمان مڻيڪ سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ھجڻ تي رحيم يار منتقل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته پوليس ڪوچ تحويل م وٺي ڇڏيو آهي فوت ٿي ويل جو مڙھ گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي
