ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )ڪنڌڪوٽ لڳ گولا برادري جو نوجوان غلام ياسين گولو جنهن کي ھٿياربندن اغوا ۽ ڦرڻ ڪرڻ خلاف گولا برادري جو ٻارن سميت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي غلام ياسين، گولو ميڊيا اڳيان دانھيدي احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جو ھمراھ ياسين گولو کي 4 ھٿياربندن اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا ته مزاحمت تي موٽر سائيڪل ڪري پئي ۽ سندس ڌاڙيلن کان ڀڃي ٻي گھر ۾ پناھ ورتي جنهن بعد ھٿيار بند فرار ٿي ويا، ھنن چيو ته گھرن جو سوڌو وٺڻ لاء شھر ڏي اچون ٿا اسين غير محفوظ آھيون، آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته امن امان بحال ڪري اسان کي تحفظ ڏئي جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي غلام ياسين گولو چيو ته ڌاڙيلن مون کان 50هزارروڪ رقم موٽرسائينڪل ۽ موبائيل ڦرڪري وياآھن چيوته انهن فائرڪيا ۽ مان ڀڄي جان بچائي ۽ ڳوٺاڻن چيوته اسان جي علائقي ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پيوآ ۽ اسين ڪوبيمار کي ڊاڪٽر ڏانهن ڏسائڻ لاء وڃون ٿاته رستي ۾ اسان کي ڦورو ڦرڪري وڃن ٿا جڏهن ته پوليس پڪٽ هوندي به اسان جي ماڻھو کي اغوا ڪيون وڃن ٿا ۽ هورڙيون ڪري ٿوته مون کي اغوا ڪيون وڃن ٿا پرپوليس موبائيل هوندي به هواڳيان نه آيا هنن چيو ته اسان کي ۽ علائقي واسين کي تحفظ ڏنو وڃي ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ کان مطالبو آهي ته واقعي جو نوٽس وٺي ڦر ٿيل سامان روڪ رقم ء موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس جي اڳيان ء انڊس ھاء وي بند ڪيو ويندو
