راولپنڊي:اپريل يا مئي ۾ چونڊون نه ٿيون ته ملڪ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون، شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اپريل يا مئي ۾ چونڊون نه ٿيون ته ملڪ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون، ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازي لهر سبب سياست ۽ معيشت تباهي جو شڪار آهن ملڪ جا حڪمران عمران خان جو رستو روڪڻ لاءِ روز نوان طريقا استعمال ڪري رهيا آهن،سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت وٽ هاڻ 6 ارب ڊالرن جا ذخيرا بچيا آهن. آءِ ايم ايف به مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اٽي جا ريٽ وڌڻ سبب غريب عوام سخت پريشان آهي. الله رحم ڪري ملڪ ۾ دوائن جي کوٽ، ٽيڪسٽائيل ملز جي بندش، ايستائين جو سخت سيءُ ۾ به غريب عوام لاءِ لنڊا بازار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن هاڻ غريب عوام وٽ ته ڪفن دفن جا پئسا به ناهن بچيا. اها ڪهڙي تبديلي آهي،عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن کان ڀڄڻ وارا ملڪ ۾ ڪهڙيون چونڊون ڪرائيندا. ملڪ جا جوان پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي رهيا آهن جڏهن ته حڪمران اکٻوٽ جي راند کيڏي رهيا آهن. شيخ رشيد چيو ته هاءِ ڪورٽ جڏهن توشه خانه جا تفصيل گهريا آهن ته حڪومت توشه خانه ڪيس کان ڇو ڀڄي رهي آهي،هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سياست ۽ معيشت تباهه ٿي وئي آهي، جيڪڏهن چونڊون اپريل يا مئي ۾ نه ٿيون ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون. سمورا طريقا عمران خان جو رستو روڪڻ جي لاءِ آهن

پنھنجي راءِ لکو