ڊيره اسماعيل خان: عمران خان حڪومت جي غلط منصوبه بندي سبب خيبرپختونخواهه ۾ تباهي ٿي: وزيراعظم

ڊيره اسماعيل خان: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گذريل حڪومت جي غلط منصوبه بندي سبب خيبرپختونخواهه ۾ تباهي ٿي آهي. ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي نئين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ڪجهه مهينا اڳ هتي آيو هئس ته هر طرف پاڻي نظر اچي رهيو هو. ٻوڏ متاثرين ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏنو. ڪالام، ڪوهستان ۽ ٽانڪ بدترين تباهي ڏٺي. سوات ۾ ته دريائن جي وچ ۾ هوٽل تعمير ڪيا ويا هئا جيڪي ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا،وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي، گذريل حڪومت جي غلط منصوبه بندي سبب ، خيبرپختونخواهه ۾ تباهي ٿي، ٻوڏ کان پوءِ پيدا ٿيل سمورا بنيادي مسئلا حل ٿي ويا آهن جيستائين هتان جا سمورا مسئلا حل نه ٿيندا اسان سک سان نه ويهنداسين. عمران خان مٿان تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته عمران خان پاڪستان جي عزت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. تحفا ڪنهن شخصيت کي نه پر ملڪ کي ملندا آهن. عمران خان ڪعبت الله جي ماڊل واري گهڙي کي وڪرو ڪيو، اهي تحفا اوهان کي نه پر پاڪستان کي مليا هئا، وزيراعظم چيو ته تحفا لاڳاپا وڌائڻ لاءِ هوندا آهن وڪرو ڪرڻ لاءِ نه هوندا آهن. هنن تحفا وڪرو ڪري پئسا کئسن ۾ وڌا. اهڙين حرڪتن سبب پاڪستان جي بدنامي ٿي. وزيراعظم چيو ته مون جڏهن حلف کنيو ته خبر نه هئي ته معيشت جو ايترو خراب حال آهي. حڪومت سنڀالي ته پاڪستان ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچي چڪو هو. نئين حڪومت پاڪستان کي ڏيوالپڻي کان بچائي ورتو. پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي هاڻ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي،شهباز شريف چيو ته موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ ۾ اڃان 8 مهينا آهن، اسان کي اڃان به وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. ان کان پوءِ ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام اهو فيصلو ڪندي ته اها ووٽ گهڙي وڪرو ڪندڙن کي ڏيندي يا خدمت ڪندڙن کي. جيڪڏهن اسان کي ايندڙ 5 سالن لاءِ موقعو مليو ته ملڪ جي تقدير تبديل ڪري ڇڏينداسين. پاڪستان نعرن سان محنت ۽ ڪم سان اڳيان وڌندو،وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جا واقعا ٻيهر وڌي رهيا آهن. بنون ۾ آپريشن ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. شهادت ماڻيندڙ ملڪ جا هيرو آهن. دهشتگردي جي تازن واقعن تي اجلاس گهرائي رهيو آهيان حڪومت صوبن سان ملي دهشتگردن کي چيڀاٽي ڇڏيندي

پنھنجي راءِ لکو