ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) رات جو ديرسان ڪنڌڪوٽ لڳ اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائیور لقمان پٺاڻ کي پوليس،بازياب نه ڪرائي سگھي سندس جي بازيابي لاءِ مغوي جي وارثن ۽ ٽرڪ ڊرائيورن جو انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو پوليس ڏوھارين خلاف ڪا به ڪاروائي شروع نه ڪئي،خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ ويجھو ملير اسٽاپ وٽ انڊس ھاءِ وي کان گذريل رات جو ديرسان اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائیور لقمان پٺان کي پوليس ڏوھارين جي قيد مان بازياب ڪرائڻ ۾ اڃان تائين ناڪام رھي آهي پوليس ڏوھارين جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي مغوي ٽرڪ ڊرائيور لقمان پٺان جا وارث ۽ ٽرڪ ڊرائیورن ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تي ٽائر ساڙي رڪاوٽون رکي احتجاجي ڌرڻو ھڻي سنڌ کان پنجاب، بلوچستان ڏي ايندڙ ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو روڊ بند ھجڻ ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون مسافرن کي سخت پريشاني مان گذرڻو پيو احتجاج ڪندڙ ميڊيا سان ڳالھائیندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس ڪٿي به نظر نه ٿي اچي ڄڻ ھي علائقو سنڌ ۾ ھي نه آهي ڌاڙيل راڄ قائم ٿيل آهي ڏوھاري بي قابو ٿيل آهن جنهن ڪري اغوا جون وارداتون روڊن تي اچي ڪري آساني سان ھليا ٿا وڃن اسان جو مغوي لقمان پٺاڻ کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج جو رستو ورتو ويندو انھي دوران پوليس عملدار پھچي ڳالھيون ڪري مغوي جي جلد بازيابي جو يقين ڏياري احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرايو،
