ڪنڌڪوٽ ميراڻي برادري جو ڪٺ ٻئي طرف مغوي غلام رسول ميراڻي جيڪو زنجيرن سان ٻڌل نظر ايندي

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڌاڙيلن پاران مغوي غلام رسول ميراڻي جي ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي مغوي غلام رسول ميراڻي ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ ء ايس ايڇ او بخشاپور کان آزادي جو التجائون ڪرڻ لڳو مون تي تشدد ڪيو پيو وڃي مون کي آزاد ڪرايو وڃي مغوي جون دانھون ڌاڙيلن مغوي جي آزادي عيوض 50 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي مغوي کي بخشاپور مان مڇي جي فارم تان چوڪيداري ڪندو جيڪو اغوا ڪري ويا آهن مغوي ويڊيو م زنجيرن سان ٻڌل نظر اچي رھيو آهي ،سنڌ ملاح فورم جي طرفان مغوي غلام رسول ميراڻي جيڪو مهينو اڳ بخشاپور حد مان اغوا ٿي ويو هيو انهي جي بازيابي جي لاءِ ميراڻي برادري جو هنگامي اجلاس حرا اسڪول 2 ۾ ڪوٺايو ويو انهي ۾ سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن انتظاميا ٻن ڏينهن اندر مغوي بازياب نه ڪرايو ته خميس واري ڏينهن ايس ايس پي آفيس گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو اجلاس ۾ مرڪزي نائب صدر بشير احمد ميراڻي، ضلعي صدر غلام مصطفا ميراڻي، جنرل سيڪريٽري غلام رسول ميراڻي، ضلعي اڳواڻن رضا محمد ميراڻي، بادل ميراڻي، رئيس اسلم، ڪامريڊ غلام ياسين، رئيس رهزن، مور خان، هزب الله ميراڻي، رئيس احمد دين، شرف ميراڻي، مبين، ديدار، خير محمد، محمد علي، عمران، فقير احمد، مير طارق ۽ مغوين جي وارثن ۽ وڏي تعداد ۾ ميراڻي برادري جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي

پنھنجي راءِ لکو