لاهور:جج ڪهڙي قانون جي تحت انتظامي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن،فواد چوڌري

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جج ڪهڙي قانون جي تحت انتظامي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن. جج صاحبن کي 5 سالن لاءِ لا اسڪول ڏانهن موڪلڻ گهرجي ته جيئن هو قانون پڙهي سگهن،ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته 10 وڳي هوٽلون بند ڪري ڇڏيون، هاڻ هي اسڪول جي موڪلن جو فيصلو ڪري رهيا آهن،فواد چوڌري چيو ته آخر ڪهڙي قانون جي تحت جج انتظامي معاملن ۾ پنهنجي راءِ کي قانوني قرار ڏئي سگهن ٿا. هن جج صاحبن کي ٻيهر لا اسڪول ۾ اماڻڻ گهرجي ته جيئن هي پورا 5 سال قانون جا ڪتاب پڙهن

پنھنجي راءِ لکو