سکر: سکر جي ڪلچرل هال ۾ چيئرٽي شو ۾ فنڪار فن جو مظاهرو ڪندي

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)برسات ٻوڏ متاثر فنڪارن جي مالي سهائتا لاء سکر جي ڪچرل هال ۾ ڪرايل ٽن ڏيهن وارو چيئرٽي پروگرام پڄاڻي تي پهتو سنڌ جي ناليوارن فنڪارن شمن ميرالي،ممتاز مولائي۔غلام حسين عمراڻي۔ضامن علي سمون۔جونيئر علڻ فقير۔برڪت علي ڀٽ۔عمران ڪامران جمالي۔مارل گروپ۔نائلا بابو۔جلال جوڳي۔ماسٽر فتح علي ۔بابو مستوئي سميت آرزو ۽ انجمن پري ۽ ٻين فن جو مظاهرو ڪندي صوفياڻا ۽ نوان ڪلام ڳائي محفل ۾ ويٺل شائقين کي سرد موسم ۾ گرمائي ڇڏيو آخر ۾ جيئي لطيف سنڌ سنگيت فنڪار ويلفيئر سنڌ جي صدر محمد پناھ مهر۔سينيئر نائب صدر جلال جوڳي جنرل سيڪريٽري ماسٽر فتح علي ۔ضامن علي سمون۔يونس چنو۔فضل راهوجو۔آصف علي ميمڻ۔شعبان چاچڙ۔حاجي علي حسن شيخ ۽ ٻين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته برسات ٻوڏ متاثر فنڪارن جي مالي مدد ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي هر ضلعي ۾ گهر ٺاهڻ لاء زمين ڏني وڃي ضلعي سطح تي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاء ثقافتي پروگرام ڪرايا وڃن۔چيئرٽي شو ۾ آيل اڳوڻي ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ تنظيم کي هڪ لک روپيا مالي مدد جو پڻ اعلان پڻ ڪيو جڏهن ته سياحت ثقافت کاتي سنڌ جو ڊائريڪٽر امتياز علي ميمڻ۔يوسي چيئر مين مير عبدالرحمان مينگل۔يوسي چيئرمين ون حضور بخش ميراڻي۔وائس چيئر مين يوسي آباد غلام شبير ڊريهو سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو