لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ نئين ٺهندڙ ٽراما سينٽر جو دورو ڪيو جتي چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر گلزار تنيو ۽ ٻين کيس بريفنگ ڏني،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ نه صرف لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد پر بلوچستان ۽ جنوني پنجاب جي ڪجهه ضلعن جا مريض هتي پهچندا هئا اها بار کڻندي ان سان اسپتال جي معيار کي نقصان پهتو ان لاءِ لاڙڪاڻي واسي سنڌ حڪومت، وڏي وزير ۽ صحت کاتي جا شڪر گذار آهن جو لاڙڪاڻي ۾ اسان جو ٽراما سينٽر ۽ ايمرجنسي فيسلٽيٽيشن سروس آهي ان کي بين الاقوامي معيار موجب فعال ڪيو، لاڙڪاڻي واري ٽراما سينٽر کي ڪراچي واري ٽراما سينٽر سان لنڪ ڪيو ويندو ان سان گڏ لاڙڪاڻي ۾ 1122 ايمبولينس سروس به شروع ڪيو ويندو ان سان هتان جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون ملنديون، اسان وٽ نه صرف ايمبولينس پر فائر سروس به آهي، اسان چاهيون ٿا ته لاڙڪاڻي واري 1122 سروس کي سينٽرلائيز ڪري ايمبولينسن جي تعداد کي به وڌايو ويندو،هن چيو ته ڪراچي ۾ هي سروس شروع آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته سنڌ جا ٻيا وڏا شهر لاڙڪاڻو، سکر ۽ حيدرآباد اتي به اها سروس شروع ڪريون ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي طرز تي لاڙڪاڻي واري ٽراما سينٽر کي هر ڊويزن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ بين الاقوامي معيار بڻائينداسين هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته اسان وٽ وسيلا گهٽ ۽ مشڪلاتون گهڻيون آهن ۽ آهستي آهستي اسان گڏجي نه صرف صحت پر تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ به ڪم ڪنداسين پر اسان جا ٻيا به پروگرام آهن انهن تي ڪم ڪيو ويندو،پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آهي سندس ڪهاڻي هاڻ ختم ٿي چڪي آهي، عمران خان جي اليڪشن جو جيڪڏهن اهو بيانييو هوندو ته فوج سندس جي مدد ڪري ڇا سڄي پاڪستان جي عوام جا ادارا پي ٽي آءِ جي ٽائيگر فورس طور ڪم ڪن ۽ آئين ٽوڙايو جيڪو شخص 6 مهينن کان صرف وزيراعظم ناهي ان کي آئين ٽوڙي زبردستي وزيراعظم بڻائجي؟ منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جو سياسي بيانييو جمهوريت جي خلاف، آمراڻي ۽ غير جمهوري سوچ آهي ان لاءِ پاڪستان جي عوام کي جڏهن به موقعو مليو آهي انهن غير جمهوري ۽ سليڪٽيڊ قوتن کي شڪست ڏياريو آهي ۽ جمهوريت قوتن کي چونڊيو آهي،بلاول ڀٽو چيو ته هي چاهين ٿا ته آمريت جو دروازو کلي ۽ هو بيڪ ڊور سان ٻيهر وزيراعظم بڻجي سگهي ان ۾ ٻي ڪا سازش آهي، خان صاحب جي پهريان ضد اها هئي ته جڏهن ان جا سهولتڪار اسٽبلشمينٽ ۾ موجود آهن انهن جي ڪرسي تي ويهڻ دوران فوري طور چونڊون ٿين جيئن ان کي ڪو غلط فائدو ملي. هن چيو ته اسان جو ملڪ اڄ ڏينهن تائين ٻوڏ جي اثرن مان گذري رهيو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري عروج تي آهي ۽ عوام معاشي مشڪلاتن ۾ آهي پر هو چاهي ٿو ته سندس جي ضد پوري ٿئي ۽ عوام جا مسئلا حل نه ٿين
