ڪراچي: نيب ٿر ڪول واٽر پروجيڪٽ ۾ هڪ ارب 29 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب اختيارين ان سلسلي ۾ آبپاشي جي سيڪريٽري کان رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو آهي،نيب اختيارين سوال ڪيا آهن ته ٿر ڪول واٽر پروجيڪٽ ۾ ڪيتري رقم خرچ ٿي، هن ڪم جا بل ڪنهن پاس ڪيا، رقم ڪڏهن ۽ ڪيتري جاري ٿي، ٽينڊر جا سمورا تفصيل ڏنا وڃن،نيب پاران جاچ شروع ڪرڻ باوجود آبپاشي کاتي طرفان اڃان تائين ڪوبه رڪارڊ ناهي ڏنو ويو. ياد رهي ته مذڪوره منصوبي تي سال 2016 دوران رقم خرچ ڪئي وئي هئي
