سکر:سي سيڪشن سکر جي پوليس جي اھم ڪاروائي،سي سيڪشن پوليس چورن خلاف ڪارروائي ڪري ، مسجد مان چوري ٿيل پکا ۽ پليٽون واپس ڪرائي ورتيون

سکر(بيورورپورٽ) سي سيڪشن سکر جي پوليس جي اھم ڪاروائي ، گذريل ھفتي نمائش چوڪي لڳ ميراڻي محلي پراڻو سکر ۾ مسجد مان چور سولر پليٽون ۽ ڇت وارا پکا لاھي کڻي ويا ھيا، ايس ايس پي سکر جي نوٺس کانپوءِ نمائش چوڪي ۽ سي سيڪشن پوليس چورن خلاف ڪارروائي ڪري ، مسجد مان چوري ٿيل پکا ۽ پليٽون واپس ڪرائي ورتيون ، جي يوآ۽ سٽي سکر جي ترجمان مفتي اعظم مھر جي ايس ايڇ او سھيل عباس ڦلپوٽو سان امن امان جي صورتحال تي ملاقات ، جي يوآ۽ سٽي سکر جي اڳواڻ مفتي اعظم مھر ملاقات ڪندي چيو ته عوام جي جان مال عزت آبرون جي حفاظت ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي ، عوام کي سستو انصاف فراهم ڪيو وڃي ، ان موقعي تي سي سيڪشن سکر جي ايس ايڇ او سھيل عباس ڦلپوٽو ، جي يوآء اڳواڻ مفتي اعظم مھر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيوته شھرين تحفظ ڏيڻ اسان جي فرض۾ شامل آھي ، ھن جو چوڻ ھو ته ايس ايس پي سکر سنگھار علي ملڪ جي حڪم تي پنھنجي حد جي اندر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ جي لاءِ شھر جي مک چوڪن شاليمار جيل موڙ ، ريلوي اسٽيشن ، منزل گاهه چوڪ ، مڪي مسجد بابن شاھ ، جيئي شاھ ، نمائش چوڪي، سميت شھر جي مختلف علائقن ۾ سنيپ چيڪنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ، ان موقعي تي سي سيڪشن سکر جو وڏو منشي حافظ اقبال احمد۽سماجي اڳواڻ آغا محمد يوسف ناڙيوال ، حاڪم چانڊيو پڻ موجود ھو ،

پنھنجي راءِ لکو