سکر(بيورورپورٽ)سکر ڊيويلپمنٽ الائنس جي چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ چيوآهي ته مهانگائي جو عفريت تيزي سان غريب ماڻهن جو زندگيون ختم ڪري رهيو آهي، ۽ حڪمران رڳو پنهنجي سياست چمڪائڻ ۾ مصروف آهن، اٽي، چانور، گيهه، دالين، سميت کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي غريب ماڻهن جي زندگي مشڪل کان مشڪل بڻائي ڇڏي آهي، غربت، مهانگائي، بيروزگاري جي ڪري غريب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، حڪمران غريب عوام جا مسئلا ۽ مشڪلاتون حل ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجون ڪرسيون بچائڻ ۾ مصروف آهن جنهن کي عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، حڪومت فوري طور تي مهانگائي، غربت، بيروزگاري کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي نه ته ٻئي صورت ۾ عوام روڊن تي نڪري ڀرپور احتجاج ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ايس ڊي اي اڳواڻن مولانا عبيدالله ڀٽو، غلام مصطفي ڦلپوٽو، مفتي محمد چمن زمان قادري، علامه نور احمد قاسمي، آغا طاهر مغل، عيدن جاگيراڻي، شاهه محمد انڍهڙ، محمد رضوان قادري، شهزادو ڀٽو، شڪيل قريشي، وقار سومرو، آغا محمد اڪرم دراني، حافظ محمد شريف ڏاڏا، محمد منير ميمڻ، سيد عمران شاهه، عبدالباري انصاري، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، امداد جهنڊير، حسيب جوڻيجو، نعيم بلوچ، انيس خان، ڏاڏو ابڙو، فقير رمضان ڪورائي، عبدالماجد مهر ۽ ٻين سان ڳالهه ٻولهه جي دوران ڪيو. حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، غربت جي ڪري ماڻهو هڪ ماني جي لاءِ به پريشان نظر اچي رهيا آهن، حڪومت پاران سستي اٽي جي فراهمي ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي سبسڊيز جون دعوائون رڳو اعلانان تائين محدود آهن جڏهن ته مارڪيٽ ۾ اٽي ، چانور، گيهه سميت ٻين بنيادي کاڌي پيتي جون شيون غريب ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر نڪري چڪيون آهن، غريب ماڻهو فاقو ڪاٽڻ تي مجبور آهن حڪمران ملڪ ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن، حڪمران هجن يا اپوزيشن سڀئي پنهنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهن. جنهن کي غريب ماڻهن جي مشڪلاتن جي حل ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور تي پنهنجي عياشين، شاهي خرچن کي گهٽ ڪري ۽ پنهنجي ڪرسيون بچائڻ جي بجاءِ ملڪ مان غربت، مهانگائي، بيروزگاري جي خاتمي جي لاءِ قدم کڻي نه ته ٻئي صورت ۾ عوام جو سمنڊ روڊن تي نڪري ڀرپور احتجاج ڪندو جيڪي حڪمرانن کي به لوڙهي ڇڏيندو.
