ڪراچي: جنوري جي 2 هفتن تائين برسات جا امڪان ناهن،

ڪراچي: ملڪ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ صبح جي وقت جزوي طور تي خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي،چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ جنوري جي 2 هفتن تائين برسات جو ڪوبه امڪان ناهي،هن ٻڌايو ته اڄ موسم جزوي ابر آلود آهي، سردي جي شدت گهٽ آهي، جڏهن ته سڄو ڏينهن سامونڊي هوائون هلنديون،چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته اڄ مٿانهين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو شهر قائد ۾ ڏکڻ اوڀر طرف کان هلڪي هوائون هلي رهيون آهن، هوا ۾ نمي جو تناسب 86 سيڪڙو رهيو

پنھنجي راءِ لکو