ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ضلعه ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ جميعت علماء طاهريه جي سال2023جي چونڊ ٿي گذري هن چونڊ م صوبائي اڳواڻ پهچي گذريل سال جي ڪم جو جائزو ورتو اجلاس جو آغاز تلاوت قرآن مجيد سان ڪيو ويو ان موقعي تي صوبائي فناس سيڪريٽري مولانا خليفه حسيب احمد راهوجو طاهري ليڪچر ڏيندي چيو ت هي جماعت سڄڻ سائين جي مشين کي گهر گهر پهچائڻ چاهي ٿي اسان جي روحاني رهبر مرشد سڄڻ سائين جوپيغام آھي ت پاڻ ۾ برداشت سکو هڪ ٻئي سان محبت سکو محبت عام ڪيو ،علم جي روشني کي عام ڪيو
علم سان ئي انسان ترقي ڪري سگهي ٿوان موقعي تي سابقه باڊي پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ سال 2022جي پڻ پيش ڪئي، ان کان بعد۾ صوبائي نائب صدر خليفه مولانا علي حسن لاشاري طاهري، نئي چونڊيل باڊي ضلعه ڪنڌڪوٽ ڪشمورجو اعلان پڻ ڪيوصدر مولانا محمد عالم اوڳاهي طاهري سينيئر نائب صدر مولانا نور محمد ملڪ طاهري نائب صدر مولانا سائين بخش ملڪ طاهري جنرل سيڪريٽري مولانا زين العابدين چاچڙ طاهريجوائنٽ سيڪريٽري مولانا منظور احمد شيخ طاهري فناس سيڪريٽري خليفه صوفي غلام محمد ملڪ طاهري پرريس سيڪريٽري حافظ ظھور احمد اوڳاهي طاهري آڊ يٽر مولانا محمد زمان اوڳاهي طاهري آفيس سيڪريٽري مولانا محمد عثمان اوڳاهي طاهري آخر م هدايت جاري ڪندي مولانا علي حسن لاشاري طاهري جو چوڻ هو اسان جي مرشد ڪريم سڄڻ سائين جي تنظيم غير سياسي آھن اسان جو ڪم صرف انسانن مان بي چيني ختم ڪرڻ آھي اها بيچني تڏھن ختم ٿيندي جڏھن اسين پاڻ ۾ صبر سکندا سون جنونيت ختم ڪنداسون علم سان محبت ڪنداسون هڪ ٻئي سان محبت امن ڀائيچاري سان رهنداسون انشاءالله محبت ونڊڻ سان ا سان م محبت پيدا ٿيندي معاشري م سوشل ميڊيا جي غير تصديق شده ڳالھ کي اڳتي شعر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ان سان نفرت پکڙبي آھي نفرت م نقصان آھي
