ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 747 ميگاواٽ کي آئوٽ آف سورس ڪرڻ ۽ 600 ميگاواٽ 415 ميگاواٽ جي جنريشن لائيسنس جي بحالي لاء هائيڊرو يونين جي سڏ تي سوين ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري چيف ايگزيڪٽو آفيسر جي گيٽ وٽ ڌرڻو،ريجنل چيئرمين خادم حسين بوهڙ هدايت الله سومرو۔ شمس الدين سولنگي۔ شاد کوسو۔ اسد علي دستي۔ محمد زاهد چودري۔ سيد اسد الله شاه۔نظير حسين۔ گلزار احمد ڪولاچي۔ شبير احمد دستي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ شريڪ ملازم 747 ميگاواٽ کي آئوٽ آف سورس ڪرڻ خلاف سخت نعري بازي ڪري رهيا هيا۔ ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شريڪ ملازمن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار آء ايم ايف جي فرمائش تحت منافعي بخش گڊو ٿرمل جي 747 کي آئوٽ آف سورس ڪرڻ چاهي ٿي۔ جيڪو عمل نه ملڪ جي فائدي ۾ آهي ۽ نه وري مزدور دوستي آهي۔ اسان حڪومت حڪومتي فيصلي جي خلاف سخت احتجاج ڪري ملڪي ادارن کي بچائڻ چاهيون ٿا تنهن ڪري اسان ملڪ جي تمام باشعور ماڻهن توڙي ملڪي ادارن کي اپيل ڪيون ٿا ته هو ملڪ ۽ قوم جي قومي اثاثن کي بچائڻ خاطر اسان جو ساٿ ڏين۔ هن وڌيڪ چيو ته گڊو ٿرمل جي 600 ميگاواٽ ۽ 415 ميگاواٽ جا جنريشن لائيسنس 2023 ۾ ختم ٿيڻ وارا آهن اسان جو مطالبو آهي منافعي بخش يونٽن جا لائيسنس بحال ڪري ملڪ جي ادارن توڙي مزدورن کي فاڪاڪشي کان بچايو وڃي
ريجنل چيئرمين خادم بوهڙ اعلان ڪيو ته وري 3 جنوري تي 600 ميگاواٽ جي مين گيٽ تي احتجاجي ڌرڻو هينو ويندو۔ 10 جنوري کان روزانو جي بنياد تي مذڪوره مسئلن جي حل لا احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪنداسين۔
