ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ۽ ڏيڍ مھينو اڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد مان اغواٿيل مغوي غلام رسول ميراڻي ء سينگار ملڪ جي بازيابي لاء سنڌ ملاح فورم طرفان ضلعي صدر غلام مصطفي’ ميراڻي ـ جنرل سيڪريٽري غلام رسول ميراڻي ـ بشير احمد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي ۾ مغوي جي وارثن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن حافظ نصر الله چنا ـ دلمراد ڏاھاڻي ـ ظريت بجاراڻي ـ مير فائق علي جکراڻي ـ بشير احمد حيدري ـ قاري حذب الله ميراڻي ـ عرفان علي کوسو ـ ابراھيم خاڪي ـ غلام رسول ملڪ ـ عڀدالعزيز سومرو ـ شبير احمد ميراڻي ـ فقير علي احمد ميراڻي سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ ڌرڻي ۾ شريڪ مظاھرين ضلعي مان ڌاڙيل راڄ ختم ڪيو ـ امن امان بحال ڪريو ـ مغوي غلام رسول ميراڻي ۽ ٻيا مغوي جلد بازياب ڪرايو جي زوردار نعري بازي ڪئي وئي ـ ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ خطاب ڪندي چيو آهي ته ضلعي ۾ پيدا ٿيل بدامني سبب رھواسي سخت پريشان آهن ۽ اغوا ٿي وڃڻ جي خوف سبب شھري سج لٿي کانپوء پنهنجي گھرن مان نٿا نڪرن ۽ رات جي اٺين وڳي کان بعد شھر ۾ ڪاروباري سرگرميون ٺپ ٿي وڃن ٿيون ـ ھن چيو ته ڏيڍ مھينو گذري وڃڻ باوجود اغوا ٿي ويل غلام رسول ميراڻي جي بازيابي لاء پوليس ڪا ڪاروائي ناھي ڪئي ـ ھنن چيو ته پوليس ھٿ سان بدامني ڪرائي رھي آهي ۽ اغوا جي وارداتن کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي ـ ھنن سنڌ حڪومت ـ آء جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته بدامني جو نوٽيس وٺي مغوي غلام رسول ميراڻي کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ڌرڻو جاري رھندو ۽ احتجاج جو دائرو پڻ وڌايو ويندو ـ ٻئي طرف ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽر اصغر علي شاهه مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ٽن ڏينهن اندر مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو ويو ـ
