اسلام آباد: پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ ٿيندو. عالمي مارڪيٽ ۾ في بيرل تيل جي قيمت 77 ڊالرن مان وڌي 80 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي،ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ رات جو ٿيندو. قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو حتمي فيصلو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ڪندو جنهن جي منظوري وزيراعظم کان ورتي ويندي،پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت جو فيصلو عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو آهي ۽ هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمتن ۾ گذريل 15 ڏينهن جي مقابلي ۾ 3 ڊالر في بيرل واڌ ٿي چڪي آهي،عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون 77 ڊالر مان وڌي 80 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويون آهن، پاڪستان ۾ هن وقت پيٽرول جي ريفائنري قيمت 149 روپيه في ليٽر آهي، ملڪ ۾ پيٽرول تي 50 روپيه ليوي وصول ڪئي پئي وڃي ۽ 14 روپين جي مارجن سميت ٻيا ٽيڪس به شامل آهن جنهن کان پوءِ پيٽرول جي قيمت 214 روپيه 80 پئسا في ليٽر بڻجي ٿي ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت 187 روپيه في ليٽر آهي ۽ ان تي 30 روپيه ليوي وصول ڪئي پئي وڃي جڏهن ته 10 روپيه ٻئي چارجز پڻ وصول ڪئي پئي وڃي ڊيزل جي قيمت 227 روپيه 80 پئسا في ليٽر آهي ذريعن موجب پيٽروليم شين جون قيمتون پهرين جنوري کان ايندڙ 15 ڏينهن تائين ساڳيون رکڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيزل تي في ليٽر 10 روپيه ليوي وڌائڻ ۽ پيٽرول تي معمولي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو به امڪان آهي. جڏهن ته گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل جون قيمتون به برقرار رکڻ جو امڪان آهي

پنھنجي راءِ لکو