سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/سکر جي سينئر صحافي ۽ سکر نيشنل پريس ڪلب جي صدر ساحل جوڳي جي والد مرحوم الھڏنو جوڳي جي وڇوڙي تي سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ تعزیتي اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن جي صدارت پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي نائب صدر امداد ڦلپوٽو ڪئي، اجلاس ۾ سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر رشيد رضا، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ پرويز خان، عارف ميمڻ، رئوف عباسي، پراگ شرما، نديم بوزدار، نثار چنجڻ، آزاد عجيب منگي، امن جليل رڪ، امداد ڪلوڙ، آدم شنباڻي، فقير عادل ابڙو، شاھد سولنگي، راھب مڱريو، غلام شبیر جوڳي، عمير مغل، مظفر منگي، احمد قريشي، عدنان راجپوت ۽ ٻين صحافين توڙي ڪئميرامينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان کان علاوه ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ، سني تحريڪ جي اڳواڻ مولانا محبوب سهتو، او جي ڊي سي ايل سکر جي ريجنل ڊائريڪٽر قمر عباس شاه، پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو اڳواڻن دلمراد جتوئي، عيدن جتوئي، ياسين جتوئي، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ ارباز عباسي، پئرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي اڳواڻن فريد بلوچ، قمر الدين ڪلوڙ، يوسي چيئرمين عبداالسميع پيرزادو، سائيٽ انجنيئر عبدالڪريم ملاڻو، پيپلزپارٽي اڳواڻن نياز ميمڻ، علي حسن ميراڻي، نثار وسير، ڪامن مين ويلفيئر ايسوسيئيشن اڳواڻ آغا طاهر مغل، آل پاڪستان سومرا ايسوسيئيشن سکر جي جنرل سيڪريٽري اسماعيل سومرو، آل پاڪستان گهنڃا ايسوسيئيشن سکر سٽي جي صدر ضمير گهنڃو، شهيد دودو سومرو آرگنائيزيشن جي اڳواڻ عبدالقادر سومرو، سکر پوليس جي ترجمان مير بلال لغاري، خيرپور پوليس ترجمان منير جماڻي، ايڊووڪيٽ سيف علي ڀٽو، ايڊووڪيٽ اشرف ميمڻ، سماجي اڳواڻ نويد ٻنڌاڻي، طارق ميراڻي، ٽريفڪ سارجنٽ سکر محمد موسي ميمڻ ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مرحوم الھڏنو جي مغفرت لاءِ فاتح ۽ ساحل جوڳي سان تعزيت ڪئي وئي، ان موقعي تي دعوت اسلامي جي اڳواڻ سيد افضل حسين شاه ۽ قاري عمران عطاري دعا ڪرائي، جڏهن ته نعت خوان حافظ حسنين اللہ پاڪ ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وسلم جي ثنا خواني ڪئي.
