سکر(بيورورپورٽ)سائيٽ انجنير جي مبينه ڏاڍاين خلاف سائيٽ ايريا جي ڳوٺ متو خان ٿهيم جي رهواسي مردن۔عورتن۽ ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي ٽريڪٽر ٽرالي تي سوار ٿي وفاقي وزير سيد خورشيد جي بنگلي ٻاهران سوسائٽي جي ڊبل روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪري انجنير گلشن ملاڻو خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين ميرحسن۔علي حسن علي مردان ۔علي خان۔غلام قادر ٿهيم ۽ ٻين جوچوڻ هو ته اسان جا ڳوٺ متو خان ٿهيم سائيٽ ايريا ۾7 کان وڌيڪ پلاٽ آھن جن جو کاتوبه اسان جي نالي تي آھي پلاٽن تي 1993 کان گهر ٺاهي رهون پيا پر سائيٽ انجنير عبدالڪريم عرف گلشن ملاڻو بلاجواز گهرن مٿان پوليس چڙهايون ڪرائي عورتن۽ٻارڙن کي حراسان ڪري رهيو آھي گرفتاريون ڪرائڻ بعد رشوت وٺي آزاد ڪرائي ٿو گزريل ڪجھ سالن کان پريشان پيو ڪري۔ڳوٺاڻن جي احتجاج جو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ نوٽس وٺندي ميرحسن ٿهيم کي بنگلي تي گهرائي کائنس معلومات وٺڻ بعد سائيٽ انجنير کي فون ڪري پابند ڪيو ته جيسي تائين روڊ جي سروي نه ٿئي تيسي تائين ڳوٺاڻن جي گهرن کي نه ڊاهيو وڃي۔وفاقي وزير مظاهرين کي خاطري ڪرائڻ کانپوء ڳوٺاڻن احتجاج ختم ڪري روڊ کولي ڇڏيو۔
