اسلام آباد:طالبان ليڊرشپ رڳو عمران خان جي عزت ڪندي آهي،فواد چوڌري

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي سرڪار خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ناهي ڏني،پنهنجي هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته هاڻي ڪير هن غيرسنجيدا حڪومت سان ڳالهيون ڪندو، طالبان ليڊرشپ رڳو عمران خان جي عزت ڪندي آهي
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن رڳو اسان جو نه سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، معيشت جي بهتري ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي اتفاق راءِ ضروري آهي.
فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڌڙن جي پاڻ ۾ گڏجڻ سان پي ٽي آءِ کي ڪو نقصان نه ٿيندو، لڳي ٿو ايم ڪيو ايم جي ليڊرشپ نرسري جي ٻارن سنڀالي ورتي آهي، ڪراچي واسي ڄاڻن ٿا ته هي سڀ ڇو گڏ ٿي رهيا آهن

پنھنجي راءِ لکو