رائونتي پوليس جو ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلو ،15 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ٻن ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو ، تفصيل موجب پندرهن ڏينهن اڳ اوٻاوڙو کان پنهنجي ڳوٺ لانگهو ويندڙ ملڪ برادري جي ٻن ڄڻن صفدر ملڪ ۽ فياض ملڪ کي هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا هئا جن کي رائونتي پوليس بيا ڪچي واري علائقي مان ڌاڙيلن سان مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو جنهن بعد رائوتي ٿاڻي تي آندو ويو جتي مغوين جا وارٽ پڻ پهچي ويا ۽ ايس ايڇ او کي مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب ڪيو هو اسين ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو جي هدايتن تي ڪوشش م هئاسين اڄ مغوين جي منتقلي جو اطلاع مليو، مقابلي دوران مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ياد رهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو هو، وڪلا برادري طرفان عدالتي بائيڪاٽ پڻ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو
