ڪنڌڪوٽ:ھڪ ھفتو اڳ اغوا ٿي ويل ٽرڪ ڊرائیور لقمان پٺاڻ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي

ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ ھڪ ھفتو اڳ اغوا ٿي ويل ٽرڪ ڊرائیور لقمان پٺاڻ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي سندس جي بازيابي لاءِ مغوي جي وارثن ۽ ٽرڪ ڊرائيورن جو انڊس ھاءِ وي ملير اسٽاپ ويجھو روڊ تي رڪاوٽون رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو روڊ بلاڪ ھجڻ سبب سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي ئي جنھن ڪري مسافرن کي سخت مشڪلاتن مان گذرڻو پيو ڌرڻي ۾ شريڪ مظاھرين ڌاڙيل راڄ ختم ڪيو، امن امان بحال ڪريو، مغوي لقمان پٺاڻ کي بازياب ڪرايو، مسافرن کي تحفظ ڏيو جي زوردار نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مظاھرين بدر جان، اسماعیل خان، نور غیب الدین، رحم نیاز، اقبال خان ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھڪ ھفتو گذري ويو آھي پوليس صرف خالي آسرا دلاسا ڏيئي رھي آھي ڪنڌڪوٽ ضلعو مسافرن جي لاءِ غير محفوظ بڻجي ويو آھي ڪو به مسافر ھتي محفوظ ناھين پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي انھن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته جلد لقمان پٺان کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو ٻئي پاسي پوليس مغوي جي وارثن کي روڊ کولرائڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪندا رھيا مظاھرين پاران روڊ کولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جيستائين مغوي لقمان پٺان کي بازياب نه ڪرايو ويندو تيستائين اسان جو ھي ڌرڻو جاري رھندو،

پنھنجي راءِ لکو