اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خدا جي فضل سان پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي،وزيراعظم جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال تي نظرثاني اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن هدايت ڪئي ته 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سيڪڙو ويڪسينيشن کي هنگامي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي،ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سرحدن ۽ ايئرپورٽس تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.
وزيراعظم چيو ته سرحدن ۽ ايئرپورٽس تي اسڪريننگ سسٽم کي ٽئين پارٽي کان چيڪ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي،شهباز شريف چيو ته مون سميت پوري قوم ويڪسين فراهم ڪندڙ ملڪن جي شڪرگذار آهي،اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته ڪورونا متاثرن جي گهٽ شرح خوش آئند آهي پر اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو،هن وڌيڪ چيو ته سمورن آفيسرن ۽ اين سي او سي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، جن ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا
