ڪنڌڪوٽ: بخشاپور ڀرسان بڊاڻي شهر ۾ غريب پورهيت استاد شاه علي ڀٽو جي دڪان کي اوچتو باه لڳڻ سبب لکين روپين جو سامان، سڙي رک ٿي ويو

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر بخشاپور ڀرسان بڊاڻي شهر ۾ غريب پورهيت استاد شاه علي ڀٽو جي دڪان کي اوچتو باه لڳڻ سبب لکين روپين جو سامان جنهن ۾ 8 بيٽريون۔چارجنگ جون 2 وڏيون مشينون۔4 يوپيئس لکين روپين جو بجلي جو نئون سامان سميت دڪان تي رکيل مڪمل سامان سڙي رک ٿي ويو اهڙو اطلاع ملڻ تي پنهنجي مدد پاڻ باه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ليڪن باه مڪمل دڪان ساڙي ڇڏيو ميڊيا سان ڳالهائيندي استاد شاه علي ڀٽو چيو ته مان هڪ غريب پوهريت آهيان منهنجو دڪان تي گذارو هيو هاڻي مڪمل سامان سڙي رک ٿي ويو آهي اگر فائر برگيڊ عملو پهچي ها ته شايد منهنجو ايترو نقصان نه ٿئي ها هن ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي جئين مان پنهنجن ٻچڙن جي لاء گذارو ڪري سگهان

پنھنجي راءِ لکو