ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ لڳ نامعلوم ھٿياربندن گولا برادري جا ٽي نوجوان کي ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا گهر م روڄ راڙو مچي ھٿياربندن گولا برادري جي نوجوانن ھٿيارين جي زور تي ٽريڪٽر ٽرالي کسي ويا پوليس خاموش بڻيل ،ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي قمبراڻي لاڙي وٽان ڳوٺ مقدم پير جان گولو جا رهائشي ٽي ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن اغوا ٿيل مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٽئي ڄڻا چانھ پيئڻ ويا هئا جن کي هٿياربند اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا آهن اغوا ٿيل ۾ محبوب علي۔جاويد۔۽ برڪت گولو شامل آهن اطلاع بي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي وارثن پاران ايس ايس پي ڪشمور زبير نذير شيخ کان مطالبو ڪيو آهي ته اغوا ٿيل مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي طرف گھوڙا گھٽ ٿاڻي جي حد مٽي کڻندڙ گولا برادري جي نوجوان غالب حسين پٽ فضل محمد گولو جيڪو حضور بخش گولو جا رھواسي کان ھٿيارين جي زور تي ٽريڪٽر ٽرالي کسي فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته اغوا ٿي ويل ٽي مغوي پوليس پاران واقعي کان بي خبر بڻيل آهي
