ڪنڌڪوٽ لڳ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان بنگوار برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو، فائرنگ ھڪ ڄڻو قتل

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ لڳ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان بنگوار برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو فائرنگ ھڪ ڄڻو قتل ٽي زخمي اسپتال منتقل ٻئي ڌريون مورچابند ،تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جڙيو بنگوار ۾ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين جو پراڻي ڪارنهن معاملي تان جهيڙو،فائرنگ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو ميهار بنگوار فوت جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي اھڙو اطلاع گبلو پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش تحويل وٺي ڇڏيو ء زخمين کي اسپتال آندو مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي

پنھنجي راءِ لکو