ٺڪراٺو :لڳ گذريل برساتن سبب متاثر بي واھ معذور پيرسن جوڙو دربري واري زندگي گذارڻ تي مجبور

ٺڪراٺو : ٺڪراٺو لڳ گذريل برساتن سبب متاثر بي واھ معذور پيرسن جوڙو دربري واري زندگي گذارڻ تي مجبور برساتن سبب سندن گهر جوسمورو الھ تلھ لڙهي ويو اولاد نه هجڻ ڪري ڪو به ڪمائي جو ذريعو نه هجڻ ڪري زندگي عذاب بڻجي ويئي هتن جي چونڊيل نمائندن توڙي مقامي تظاميا به سار نه لڌي معذور جوڙي جو مالي سهائتا لاء احتجاجي مظاهرو
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو لڳ يوسي روپهر جي ڳوٺ يوسف سمون واسي پيرسن معذور جوڙي سکيو شيخ جيڪو ٽنگن کان معذور آهي ۽ سندس گهر واري شهزادي شيخ جيڪا پڻ اکين جهڙي نور کان محروم آهي ۽ وڏي اذيت ناڪ محرومي اها آهي ته سندن ڪا به اولاد ناهي جيڪا هن عمر ۾ سندن ڪمائي ڪا خدمت ڪري هن زندگيءجي آخري گهڙين ۾ کين آخري سهارو ڏي ، معذور پيرسن جوڙي ميڊيا آڏو ڳالهائيندي چيو ته گذريل برساتن سبب اسان جو گهر ڊهي پٽ ٿي ويو ۽ سندن گهر ۾ پيل سمورو الھ تلھ لڙهي گذريل ڪيرن ئي مهينن کان هو بک تي کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن اوڙي پاڙي وارا هڪ وقت جي ماني ڏين پيا پنهنجي آخري ملڪيت سندن هو ڳئون هئي سا به برساتن سبب بک وگهي مري ويئي معذور جوڙي چيو ته اسان کي اولاد به ناهي جيڪا ڪٿان ڪمائي کارائي جنهن سبب زندگيء جي هي آخري گهڙيون گهارڻ ۾ سخت پريشان حال آهيون ، هتان جي چونڊيل نمائندن ، مقامي انتظاميا توڙي نجي تنظيمن هتان جي سفارشي مستحقن جي ته مدد ڪئي پر سندن ڪو به لڙي نه آيو سرڪاري توڙي نجي تنظيمن کان علاوه به تر ۾ ڪيترا ئي شاهوڪار ، ذميندار ۽ خوشحال ماڻهون آهن پر انهن به سندن ڪا سار ناهي لڌي ، بي واھ معذور پيرسن جوڙي وسن وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان هتان جي چونڊيل نمائندن ، ڊپٽي ڪمشنر سکر ، تعلقه انتظاميا ۽ وس وارن کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان جي مالي سهائتا ڪري اسان معذورن کي سرديء کان بچڻ لاء هڪ خيمو ۽ راشن پاڻي جو بندو بست ڪري ڏنو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي زندگيء جا بچيل ڏهاڙا گذاري سگهون

پنھنجي راءِ لکو