ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ،الخدمت فائونڊيشن ضلعي ڪشمور پاران ٻوڏ متاثرن ۾ سياري پيڪيج جي ورهاست جو پروگرام هڪ ڀيرو ٻيهر سخت سردي ۾ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ٻوڏ متاثرن کي سلامي پيش ڪئي وئي، ضلعي ڪشمور ء سنڌ بلوچستان جي سرحد پٽي رسالدار حيدري چوڪ ستاويھ ميل ء ڀرپاسي جي علائقن جي متاثر خاندانن کي سردي جي موسم لاء گرم ڪمبل ڏنا . سياري پيڪيج ڏنو ، ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلع ڪشمور غلام مصطفي نائب امير استاد حفيظ الله گولو ۽ الخدمت جي سيڪريٽري الياس نور چنا چيو ته تازو سياري ۾ الخدمت فائونڊيشن هزارين ماڻهن کي گرم ڪمبل ۽ آرام فراهم ڪيو آهي. متاثرن جي مدد ۽ وڌندڙ سردي کي نظر ۾ رکندي الخدمت پاران ٻوڏ متاثرن جي خدمت جاري آهي ۽ متاثرن جي مڪمل صحتيابي تائين اسان متاثرن جي هر هڪ سان گڏ آهيون ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ رهنداسين.
