ڪنڌڪوٽ(ڊر)ٻه ڏينھن اڳ ڪرمپور ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ميرخان جعفري جي وارثن وٽ منٿ ميڙ قافلو پهتو بنگوار برادري پاران مختلف برادرين جا چڱا مڙس ساڻ ڪري ڳوٺ چاڪر جعفري ۾ مقتول جي تڏي تي پهتا ميڙ منٿ قافلي ۾ سردار محمد صلاح گولو, رئيس عطاءالله ڀٽو, رحيم بخش خان کوسو, رحمت سهرياڻي سميت سوين ماڻهن مقتول جي وارثن وٽ پهچي ڏوھ جو اعتراف ڪندي ٺاھ لاء منٿ ڪئي بنگوار برادري جي ماڻهن چيو ته اسان جو جهيڙو سبزوئي ڌر سان هو ميرخان جعفري غلطي سان قتل ٿيو آهي ڏنڊ ڀري ڏيڻ لاء تيار آهيون چڱا مڙس ميڙ وٺي پهتا آهيون ٺاھ ڪيو مقتول ميرخان جعفري جي ڀاء هزارخان جعفري چيو ته ساجن سبزوئي به اسان جو مهمان هو منهنجي ڀاء ميرخان جعفري کي بنگوار برادري جي هٿياربندن سڃاڻي گوليون هنيون چڱن مڙسن جي منٿ ميڙ بعد مقتول جي وارثن چيو ته ڪجھ ڏينهن جي مهلت ڏيو برادري سان صلاح مشوري بعد جواب ڏينداسين ٻنھي ڌرين جي ڳالهين بعد ڳالھيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون،ٻئي پاسي مارجي ٻنھي مقتولن جي وارثن جي فرياد تي ڪرمپور ٿاڻي تي فرياد داخل ڪئي وئي آھي
