پاڪستان تحريڪ انصاف سٽي سکر جي نائب صدر نويد احمد کوسو امتياز کو سو سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي

سکر(بيورورپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف سٽي سکر جي نائب صدر نويد احمد کوسو امتياز کو سو سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته موجودھ حڪومتي دور ۾ گيس جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ سبب ڪاروبار تباھ ٿي آھي سکر ۾ صبح۔منجهند ۽ رات جو کاڌو تيار ڪرڻ وقت سوئي گيس جي فراهمي نه ٿيڻ سبب اسڪولي شاگرد اسڪول نه ٿا وڃن جڏهن ملازم پيشه ماڻهون به نيرن ڪرڻ بنا ڊيوٽين تي وڃڻ لاء مجبور آھن موجودھ حڪمرانن ملڪ جو معاشي ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي بجلي جي کوٽ انڊسٽريز کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي فيڪٽريون ۽ وڏا ڪارخانا بند پيا ٿين جنهن سان بي روزگاري ۾ واڌ ٿي آھي مهانگائي عروج تي آھي اٽي جي قيمتن ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيڻ ڪري غريب ماڻھون ماني کائڻ کان لاچار بڻيل آھي مرغي جو گوشت 4 ڪلو مان وڌي 6 روپيا ڪلو ٿي ويو آھي غريب ماڻهون لاء بصر خريدڻ جي سگھ به ناهي رهي بصر ب اڍائي سئو رپا ڪلو وڪامجي ٿو پر موجودھ حڪمران عمران خان جي حڪومت دوران مهانگائي مارچ ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي چوندا هيا ته اسان حڪومت ۾ اچي هر شيء سستي ڪنداسين پر هاڻي انهن جي حڪومت آھي پر مهانگائي جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا اٿن۔سکر جا سمورا روڊ رستا تباھ آھن صفائي جو ڪم نه هجڻ برابر آھي هر طرف صرف گندگي جا ڌير نظر ٿا اچن ۽ پ پ حڪومت صرف دعائن تائين محدود آھي ۔نويد احمد کوسو چيو ته عوام جي خوشحالي ۽ملڪ جي ترقي صرف پي ٽي آئي حڪومت ئي آڻي سگهي ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو