اسلام آباد: ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ حڪومتي اثاثن کي جلد وڪرو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار ڊيفالٽ جي خطري کي منهن ڏيڻ لا حڪومتي اثاثن کي تيزي سان وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪر يورتو آهي وفاقي حڪومت جمعي جي ڏينهن فيصلو ڪيو آهي ته امڪاني ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ 2 پاور پلانٽس قطر جي حڪومت کي وڪرو ڪيا ويندا. اهي پلانٽ 4 سال اڳ حڪومت جي نجڪاري فهرست ۾ شامل هئا ۽ حڪومت کي اميد هئي ته ان کي وڪرو ڪرڻ سان 1 ارب 50 ڪروڙ ڊالر ملندا. پر هاڻ موجوده حڪومت ان جي نجڪاري بجاءِ قطر کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان کان 2 ڏينهن اڳ حڪومت طرفان ڪابينه جي هڪ نئين ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن جو مقصد حڪومتي اثاثن کي تيزي سان وڪرو ڪرڻ واري عمل جو جائزو وٺڻ هو. ان سلسلي ۾ 2460 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ اهو پاور پلانٽ هاڻ ڪنهن پرڏيهي ملڪ کي وڪرو ڪيو ويندو ذريعن موجب ان سلسلي ۾ نجڪاري ڪميشن جو اجلاس گهرايو ويو هو جنهن ۾ ان ٻنهي پلانٽس کي نجڪاري جي فهرست مان ڪڍڻ جو چيو ويو. جڏهن ته نجڪاري جي وزير عابد حسين ڀيو جيڪو نجڪاري ڪميشن بورڊ جو چيئرمين به آهي ان هن اجلاس جي صدارت وڊيو لنڪ ذريعي ڪئي هئي نجڪاري ڪميشن بورڊ جي اجلاس کان پوءِ عام طور تي پريس پڌرائي جاري ڪئي ويندي آهي پر خميس تي ٿيندڙ بورڊ اجلاس جي حوالي سان ڪابه پڌرائي جاري نه ڪئي وئي جنهن مان لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت ان معاملي کي ڳجهو رکڻ چاهيو ٿي ان حوالي سان جڏهن نجڪاري جي وزير ۽ سيڪريٽري سان رابطو ڪيو ويو ته ان طرف به ڪوبه جواب نه مليو. ذريعن موجب بورڊ ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي کي سفارش اماڻي آهي ته هو ان ٻنهي پاور پلانٽس کي نجڪاري فهرست مان ڪڍي ڇڏي.
ذريعن موجب اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته وزيراعظم آفيس جي خواهش آهي ته ان پلانٽس کي واپاري وڪرو جي ايڪٽ 2022 جي تحت وڪرو ڪيو ويندو. ان ايڪٽ جي تحت حڪومت کي اهو اختيار هوندو آهي ته هو نجڪاري جي ڊگهي عمل بجاءِ ڪنهن به اثاثي يا اداري کي سڌو سنئون ڪنهن به حڪومت کي وڪرو ڪري سگهي ٿي

پنھنجي راءِ لکو