سکر (بيورورپورٽ) سکر ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ خلاف سول سوسائٽي روڊن تي نڪري آئي، سول سوسائٽي سکر پاران قريشي چوڪ تي موجوده حڪومت جو علامتي جنازو ڪڍيو ويو ۽ منفرد احتجاج ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي سول سوسائٽي جي فضل الرحمان ڀٽو ڪئي ٻين مظاھرين ۾ راجا شيخ، زبير شاهه، آصف چاچڙ، نورالدين شيخ، غلام مصطفيٰ شيخ، جهانگير خان ۽ ٻيا شامل ھئا.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران ڏينھون ڏينھن کاڌي پيتي جي شئين ۾ ۾ واڌ ڪري رهي آهي.انتهائي افسوس سان ٿو چوڻو پئي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي مظلوم عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جو غريب عوام مهانگائي جو شڪار آهي ۽ حڪومت ان تي ضابطو آڻڻ بدران ان کي وڌائي رهي آهي.غريب عوام ٻه وقت جي ماني لاءِ ترسي ويو آهي، مهانگائي ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ امپورٽڊ حڪومت مظلوم ۽ غريب عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو نوٽيس وٺي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.۽ اگهه وڌائڻ وارن عناصرن خلاف ڪارروائي ڪري عبرت جو نشانو بڻايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به عوام سان ناانصافي نه ڪري سگهي.
