سکر پريس ڪلب ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي نئين چونڊيل باڊين جو گڏيل اجلاس

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) سکر پريس ڪلب ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي نئين چونڊيل باڊين جو گڏيل اجلاس پريس ڪلب جي صدر چوڌري محمد ارشاد گوندل ۽ يونين جي صدر امداد بوزدار جي صدارت هيٺ سکر پريس ڪب ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ پي ايف يو جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ خصوصي شرڪت ڪئي ـ جڏھن تھ اجلاس ۾ پريس ڪلب جي نائب صدر لالا شهباز خان پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري شهزاد تاباڻي،سکر يونين آف جرنلسٽ جي جنرل سيڪريٽري احقر شاھ ـپريس ڪلب جي جوائنٽ سيڪريٽري شاهد چنو، جوائنٽ سيڪريٽري اعجاز ڇڄڻ، خزانچي سحرش کوکر، پريس سيڪريٽري ڪامران شيخ، آفيس سيڪريٽري بخش علي ڦلپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته سکر يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري سيد احقر شاهه، جوائنٽ سيڪريٽري سيد جواد علي شاهه، جوائنٽ سيڪريٽري مبين خان، خزانچي ڪاشف ڦلپوٽو، آفيس سيڪريٽري ديدار انڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته پريس ڪلب جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر جلال الدين ڀيو، ياسر فاروقي، زمان باجوا، مجيب ورند سکر يونين آف جرنلسٽس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر حسيب شيخ، اظهر دايو، فريد سومرو، سجاد پاشا، اسحاق کوسو، رياض راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ خصوصي طور تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ھلندڙ سال سکر جي صحافين لاء جرنلسٽس ڪالوني، سکر پريس ڪلب ميمبرن لاء ڪينٽين ٺاھڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي پي ايف يو جي جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ چيو ته ھر انسان ۾ پنھنجي پنھنجي خوبي ھوندي آھي ڪو انسان مڪمل طور تي پرفيڪٽ ناھي. اسان جي سوچ آھي ته سکر جي صحافين ۽ عوام جا مسئلا ھل ڪرڻ لاء ڪوششون ڪيون. عوام اسان وٽ پريس ڪلب آڏو پنهنجا مسئلا کڻي اچي ٿو اسان کي ان جي مسئلي کي ٻڌي پنھنجن ادارن ۾ ان مسئلي کي اٿاريون. سکر جي صحافين لاء جرنلسٽس ڪالوني وارو ڪم ھلندڙ آھي ۽ ايندڙ سال جي آخر ۾ سکر پريس ڪلب جي آوڊيٽوريئم وارو ڪم مڪمل ٿي ويندو. ھن چيو ته سکر جرنلسٽس ويلفيئر فنڊ قائم ڪري سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ سکر پريس ڪلب پاران اڍائي اڍائي لک روپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران اي آر وائي نيوز جي ڪئميرامين مرحوم رياض سومرو کي لالا اسد پٺاڻ پاران ھڪ لک روپيا ڪيش ڏيڻ جو اعلان ڪيو. گڏيل اجلاس ۾ سکر پريس ڪلب ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي نئين چونڊجي آيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. اجلاس کان پھرين پي ايف يو جي جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ جو پريس ڪلب پھچڻ تي شاندار استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي.اجلاس کي خطاب ڪندي لالا اسد پٺاڻ چيو تھ ھن سال سکر پريس ڪلب جي آڊيٽوريم ھال کي تيار ڪيو ويندو ۽ صحافين جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو ويندو ۽ صحافي ڪالوني جي مسئلي کي جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ـسکر ريجن جي صحافين جا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي

پنھنجي راءِ لکو