سکر:غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال سکر ۾ ڪرپشن ڪندڙن جو راڄ قائم

سکر(بيورو رپورٽ) غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال سکر ۾ علاج لاء ايندڙ غريب ۽ بي پهچ مريضن کي سرڪاري طور علاج جون سهولتون ڏيڻ بجاء نجي اسٽورن تان ڪميشن واريون دوائون لکي ڦرڻ ۽ لٽڻ سميت سرڪاري ليبارٽري مان ٽيسٽين جا پئسا وٺڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي،
تفصيل موجب، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال سکر ۾ ڪرپشن ڪندڙن جو راڄ قائم ٻهراڙين کان علاج لاء ايندڙ غريب ۽ بي پهچ مريضن کي سرڪاري طور علاج جون سهولتون ڏيڻ بجاء اسپتال جا ڊاڪٽر توڙي هيٺيون اسٽاف اسپتال ۾ دوائون شاٽيج جو جواز ڄاڻائي نجي اسٽورن تان ڪميشن واريون دوائون لکي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن، جڏهن ته سول اسپتال سکر ۾ قائم سرڪاري ليبارٽري ۾ به مختلف ٽيسٽين جا پئسا وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، انسلسلي ۾ روهڙي جي ڳوٺ پٽڻي جي رهواسين داخل مريض جي وارثن ميڊيا آڏو داهيندي چيو آهي ته اسان جي ڇوڪري کي شگر جي بيماري ٿي وئي آهي ۽ اسان غريب آهيون جنهن ڪري سرڪاري اسپتال ۾ علاج لاء مريض کي داخل ڪيو آهي پر هتي سرڪاري طور علاج جون ڪي به سهولتون ناهن، ٽن ڏينهن اندر ستن هزارن کان وڌيڪ پئسا خرچ ٿي ويا آهن، هنن چيو ته سول اسپتال سکر ۾ مختلف ٽيسٽين جا مختلف ريٽ مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري سرڪاري ليبارٽري ۾ به پئسا ڏيڻ بغير ٽيسٽيون نٿيون ڪيون وڃن،

پنھنجي راءِ لکو