ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )ڪنڌڪوٽ لڳ
وبائي بيمارين سبب موت جو معصومن مٿان لامارا ، هڪڙي ڏينهن ۾ ٽي معصوم ٻار فوت ڪيترائي ٻار بيمارين م مبتلا گهر ۾ قعورام مچي ويو ،ڪنڌڪوٽ لڳ ،ڳوٺ گامڻ خان جکراڻي ۾ معصوم ٻارن ۾ وبائي بيمارين سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ ٽي ٻار فوت ٿي ويا جن ۾ هڪ ساله نصرالله ولد ظفر علي ، پنجن مهينن جو بابر ولد صدر دين ، پنجن مهينن جي آمنه ڌي واجد علي ۽ ٻيا شامل آھن ، جڏهن ته هن وقت ساڳئي ڳوٺ ۾ ٻيا معصوم ٻار به مليريا ، نمونيا ۽ ڊائيريا وغيره ۾ مبتلا آھن
سول اسپتال ڪنڌڪوٽ جي انتظاميه طرفان علاج دوائن جي کوٽ ڄاڻائي نامڪمل ڪيو وڃي ٿو ، لکين رپين جو دوائون پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون هن ڪڌي ڪاروبار ۾ DHO فرحان جوکيو ، MS بابو لال ۽ ٻيا ملوث آھن مليريا جو اسٽاڪ اسپتال ۾ موجود هجڻ باوجود غريب مريضن کي ٻاهران دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو ، ان ڏس ۾ سي۔ايم سنڌ وزير صحت سنڌ ۽ ڊي۔سي ڪنڌڪوٽ ڪشمور کي اپيل آھي ته ان معاملي جو فورن نوٽيس ورتو وڃي ته جيئن وڌيڪ قيمتي جانين جي نقصان کان بچي سگهجي۔
