ڪنڌڪوٽ تنگواڻي ٿاڻي جي حد مان 3 مھينا اڳ اغوا ٿيل ڳوٺ جعفر آباد واسي مغوي محمد بخش لاشاري کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي

ڪنڌڪوٽ تنگواڻي ٿاڻي جي حد مان 3 مھينا اڳ اغوا ٿيل ڳوٺ جعفر آباد واسي مغوي محمد بخش لاشاري کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي جنهن ڪري مغوي جي بازيابي لاءِ ۽ وڌنڌڙ بدامني خلاف مغوي جي وارثن، تنگواڻي ۽ ڪنڌڪوٽ جي مختلف سياسي سماجي مذھبي تنظيمن طرفان ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن رحمدل لاشاري، قاري ڪفايت اللّٰه کوسو، غلام مصطفي ميراڻي، حاجي الطاف حسين بنگوار، اصغر شيخ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 3 مھينا ٿي ويا آهن پوليس محمد بخش لاشاري کي بازياب نه ڪرائي سگهي آھي ضلعو ڪشمور ڪنڌڪوٽ بدامني جو ڳڙھه بڻجي ويو آهي ھر شھري غير محفوظ آهي پوليس ڌاڙيلن آڏو بيوس نظر اچي رهي آهي مغوي کي اغوا ٿئي ٽي مھينا گذري ويا آهن پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي اسين پُر امن احتجاج جي ذريعي ميڊيا جي مدد سان سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ڪيل احتجاج جو نوٽيس وٺي مغوي کي جلد بازياب ڪرائي شھرين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

پنھنجي راءِ لکو