ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )؛ڪشمورڪنڌڪوٽ ضلعي انتظاميه جي نااهلي شھر اندر اٽي 150 ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿيڻ لڳو شھري سستي اٽي جا سنھرا خواب ڏسڻ لاءِ بي تاب ڪنڌڪوٽ شھر اندر اٽي جو بحران وڌي ويو شھري 2 ويلا ماني کائڻ جو حق نه کسيو وڃي شھري ،ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آھن پر من پسند ماڻهن کي ڏنو ٿو وڃي ،غريب مسڪين ويچارا اٽي لپ لاءِ فلور مل ۽ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا پر ڊي سي ڪشمور صاحب گيٽ جي اڳيان رکيل گارڊ ملڻ نه ڏنو واپس ڌڪا ڏيئي روانو ڪيو ويو ھنن وڌيڪ چيو ته سستي اگهه تي اٽو 10 يا 15 ڄڻن کي ڏئي بقايا اٽو مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو اسين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته جلد ھن جو نوٽيس وٺي اسان کي رليف فراهم ڪيو وڃي جئين اسان 2 ويلا جي ماني کائي سگهيون ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ضلعي ڪشمور ۾ ضلعي انتظاميه خوراڪ کاتي پاران ضلعي اندر سستي اٽي جا اسٽال قائم ،ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي , ڊي ايف سي اختر خان بوزدار ڪهنور فلور مل ڪنڌڪوٽ پهچي سستي اٽي جي اسٽال جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته ملڪ اندر ڪڻڪ جي کوٽ ۽ وڌندڙ مھانگائي سبب مسڪين ماڻھن لاءِ اٽو خريد ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، جنھن ڪري سنڌ حڪومت پاران عوام لاء ضلعي اندر سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آهن جنهن ۾ عام ماڻھن کي مناسب ريٽ تي اٽو ڏنو ويندو جئين ھو سستو اٽو خريد ڪري پنھنجي پريشاني م گھٽتائي ڪري سگھن.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر اختر حسين بوزدار جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تي خواراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران سڄي ضلعي اندر 14 کان وڌيڪ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آهن جتي عوام کي سرڪاري اگه تي اٽو دستاب آهي . سستي اٽي جي اسٽال تي، اٽي جي ڏهه ڪلو جو ٿيلھو 650 روپيا ڏنو پيو وڃي . ان موقعي تي خريدارن جو چوڻ ھو تہ ضلعي انتظاميه جي اھڙي عمل جي ساراهه ڪيون ٿا، جنھن عوام کي ريليف ڏيندي سستي اٽو جو اسٽال لڳايا آهن . انھن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کان اھو به مطالبو ڪيو ته سستي اٽي جيان ٻين شين جا به سستا اسٽال لڳائي عوام کي رليف مھيا ڪيو وڃي
