ڪنڌڪوٽ 2 ھفتا اڳ بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ حمل جکراڻي ۾ قتل ٿيل ڌڻي بخش جکراڻي جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ خلاف مقتول جي وارث عورتن، مردن مٺل، اللّٰه ڏيوايو جکراڻي جي اڳواڻي ۾ قرآن پاڪ کڻي ايس ايس پي آفيس جي مک گيٽ آڏو جوابدارن ڪرمان، اعظم الدين، ڄام جکراڻي جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي قاتل جوابدارن جي گرفتاري، بخشاپور پوليس جي ڪوتاھي خلاف سخت نعريبازي ڪندي ھنن چيو تہ مذڪوره جوابدارن زمين ڦٻائڻ جي ڪري بيگناہ ڌڻي بخش کي قتل ڪري ڪارنھن جو ڪوڙو الزام مڙھيو ۽ بخشاپور پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي ڪو بہ جوابدار گرفتار نہ ڪيو آھي اسان انصاف لاءِ ايس ايس پي آفیس جي گيٽ آڏو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو ۽ اسان کي ايس ايس پي سان بہ ملڻ نہ ڏنو ويو پیو وڃي ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو تہ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي
