اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پيش نه ٿيڻ تي عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا،اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،اليڪشن ڪميشن پارٽي اڳواڻن ۽ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
اليڪشن ڪميشن عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست کي رد ڪندي ٽنهي اڳواڻن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي
