سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)سکر جي ڪٻاڙين پاران پوليس ناجائزين خلاف گوليمار واري علائقي ۾ احتجاج ڪندي اعلي اختيارن کان پوليس ڏاڍايون بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ان سلسلي ۾ سکر اولڊ مٽيريل ايسوسي ايشن جي صدر محمد اجمل ملڪ ۔جنرل سيڪريٽري نديم علي آرائين جي اڳواڻي ۾ پوليس ڏاڍاين خلاف سکر جي ڪٻاڙين گوليمار واري علائقي ۾ احتجاجي اجلاس بعد مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن محمد اجمل ملڪ۔نديم آرائين۔محمد مراد گڏاڻي۔راڻا منور ملڪ۔فاروق ملڪ۔صديق مھر ۽ ٻين ڪٻاڙين جو چوڻ هو ته موجودھ مهانگائي واري دور ۾ ٻچڙن جو پيٽ ڀرڻ مشڪل بڻجي ويو آھي سکر پوليس مختلف بهانن سان اسان کي بلا جواز تنگ ڪري رهي آھي جڏهن ته ڪيترائي ڪٻاڙي پوليس لاڪ اپ ۾ قيد آھن اسان کي عزت سان روزگار ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي جنهن سبب پريشاني جو شڪار آھيون۔سکر جي مختلف ٿاڻن جا پوليس اهلڪار ڪٻاڙين جي دوڪانن تي اچي ڀتو گهرن ٿا ڀتو نه ڏيڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ ڪيترن ئي ڪٻاڙين خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پريشان ڪيو ويو آھي ۔هنن پوليس جي اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته سکر جي ڪٻاڙين کي پوليس گردي کان بچائي باعزت روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي۔
