لاهور:عمران خان پاران پرويز الاهي تي بي اعتمادي جو اظهار، پارٽي اڳواڻن کي اهم ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ تي راضي ڪن،زمان پارڪ لاهور ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي سنيئير اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عمران خان ڪرپشن جي الزامن تي پرويز الاهي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پرويز الاهي تي اربين رپين جي ڪرپشن جي الزامن سبب سندس ساک متاثر ٿي رهي آهي، پنجاب ۾ اتحادي حڪومت خلاف اهڙا الزام برداشت نٿا ڪري سگهجن عمران خان چيو ته پنجاب اسيمبليءَ ۾ ميمبرن جو انگ مڪمل ڪيو وڃي، عدالت چيو ته اعمتاد جو ووٽ وٺنداسين،عمران خان جي رمارڪس بعد پرويز الاهي زمان پارڪ جو دورو ڪيو ۽ عمران خان کي خاطري ڪرائي ته ق ليگ ڀرپور طريقي سان پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺي آهي،ان ڏس ۾ مونس الاهي دعوي ڪئي آهي ته عمران خان پرويز الاهي کي خاطري ڪرائي آهي ته جيڪا به معلومات وٽس ايندي هو سڀ کان اڳ پرويز الاهي سان شيئر ڪندو

پنھنجي راءِ لکو