ڪراچي: عورتون باختيار آهن، مالي ڳڻتي ناهي ته طلاق جو خوف به ناهي رهيو: ناديا خان

ڪراچي: پاڪستان جي مشهور ميبزان ۽ اداڪارا ناديا خان پاڪستان ۾ وڌندڙ طلاق جا ڪارڻ ٻڌايا آهن،ناديا خان تازو هڪ ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فورم تي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته اڄ ڪلهه شادي ٽٽڻ جو ڪارڻ بيوفائي آهي ڇاڪاڻ ته 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪنهن نوجوان کي ڪا ناري پسند ايندي هئي ته هن لاءِ ان سان ڳالهائڻ به مشڪل هوندو هو هن چيو ته اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا جي دور ۾ اها شيءِ سولي ٿي پئي آهي، ماڻهو ڊيٽ تي ويندا آهن، گهرن ۾ ايندا ويندا آهن، پهريون ايئن نه هوندو هو، هاڻي ڇوڪرن کي چوڌاري گهڻيون ڇوڪريون ملي وينديون آهن، ان لاءِ افيئر سولو ٿي ويو آهي پوءِ ان لاءِ کين گهر ۾ موجود زال سمجه ۾ ناهي ايندي ۽ هو پنهنجي زال مان بيزار ٿي ويندا آهن، ناديا خان وڌيڪ چيو ته هوءَ ايترين گهڻين ڇوڪرين کي سڃاڻي ٿي جن جا شادي شده مردن سان لاڳاپا آهن ۽ کيس اهو سڀ ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، مرد ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ايستائين جو گهروارن کان لڪائي ٻي شادي ڪري ڇڏيندا آهن،ان صورتحال ۾ ڇوڪريون به غلط آهن انهن کي اصول هجڻ گهرجي ته جيئن ڪو مرد شادي شده آهي ته کيس ان مرد سان ڪي به لاڳاپا نه رکڻ گهرجن،اداڪارا چيو ته ڪجهه ڇوڪرين جو مسئلو اهو به هوندو آهي ته سندن خواهش هوندي آهي ته ڪو پيسي وارو مرد ملي وڃي جيڪو فوري ملڪيت هنن جي نالي ڪري ڇڏي يا وڏي رقم 3،4 ڪروڙ انهن جي نالي ڪري ڇڏي،ناديا خان پنهنجي ڳالهه پوري ڪندي چيو ته وڌندڙ طلاق جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته هاڻي عورتون مالي طور تي آزاد آهن، ته انهن کي ان سان مسئلو ناهي هوندو ته طلاق کانپوءِ کين ڪير سنڀاليندو؟ هو پنهنجو خيال پاڻ ڪري سگهن ٿيون، ان لاءِ هو به هاڻي ڪا غلط ڳالهه برداشت ناهن ڪنديون،ان کانسواءِ هن پنهنجي پهرين شاديءَ جي ناڪامي بابت ڳاله ڪندي چيو ته اڪيلو ٻارن کي سنڀالڻ ڏکيو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته انسان جو سماغ منجهيل هوندو آهي، جڏهن ڪم تي هوندا آهيون ته ذهن گهر ڏي ويندو آهي ۽ جيئن گهر هوندا آهيون ته اها ڳڻتي هوندي آهي ته ڪم ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته ٻارن جون ضرورتون به پوريون ڪرڻيون هونديون آهن.
ناديا چيو ته سندس ذميواريون ٻيڻيون هيون ته زندگي ڏکي به هئي، هن طلاق کانپوءِ پنهنجو مارننگ شو به ان لاءِ ڇڏيو ڇاڪاڻ ته ٻارن کي ماءُ جي ضرورت هئي پر ٻي شادي کانپوءِ زندگي سٺي گزري رهي آهي،واضح رهي ته ناديا خان 2 سال اڳ 2021 ۾ فيصل ممتاز سان ٽين شادي ڪئي هئي

پنھنجي راءِ لکو