سکر: پنوعاقل ۾ مختلف برانڊن جي نالن سان جعلي سيمينٽ وڪرو ڪندڙ دڪاندار انيل ڪمار کي گرفتار ڪري ورتو، تفصيل موجب اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ ۽ ڊي ايس پي روهڙي حضور بخش سولنگي جي حڪم تي ايس ايڇ او علاؤ الدين پنهنجي ٽيم سان گڏ پنوعاقل ۾ آٽواڻي آئرن اسٽور تي ڇاپو هڻي مختلف برانڊن جا جعلي سيمينٽ هٿ ڪري ورتا، انيل ڪمار آڏواڻي، هڪ دڪاندار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته پوليس ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.
