اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شبلي فراز پنهنجي والد مرحوم ۽ مشهور شاعر احمد فراز جي سالگرهه جي موقعي تي پيغام جاري ڪيو آهي
شبلي فراز سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي احمد فراز لاءِ لکيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ به اوهان جي شاعري پاڪستاني عوام کي متاثر ڪري رهي آهي،شبلي فراز جي پوسٽ تي ڪيترائي ماڻهو احمد فراز جي شاعري به شيئر ڪري رهيا آهن.
ياد رهي ته مشهور شاعر احمد فراز 25 آگسٽ 2008ع تي هزارين مداحن کي سوگوار ڇڏي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو
