لاهور: مني لانڊرنگ ڪيس، حمزا شهباز جي معافي جي درخواست منظور

لاهور: احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي لاهور جي احتساب عدالت ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي وزيراعظم شهباز شريف جو متبادل وڪيل انور حسين ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز به عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا سليمان شهباز جي عبوري ضمانت هاڻي هلي رهي آهي؟ ٽرائل ۾ سليمان شهباز جي حاضري ضروري ناهي، سندس وٽ الڳ ريفرنس فائل هوندو جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پنھنجي راءِ لکو