ڪنڌڪوٽ ۾ اٽو مھانگو. بليڪ تي وڪرو. ۽ روز مره جي استعمال وارن شين جي اگھن ۾ تيزي سان واڌ خلاف. احتجاجي مظاھرو

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ڪنڌڪوٽ ۾ اٽو مھانگو. بليڪ تي وڪرو. ۽ روز مره جي استعمال وارن شين جي اگھن ۾ تيزي سان واڌ خلاف. دلمراد ڏاھاڻي. ظريت بجاراڻي. شھنواز مرھيٽو. الطاف بنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سٽي پارڪ کان ڪارڪنن پلي ڪارڊ جھنڊا کڻي .انصاف ناھي ڇو ڀلا. اٽو ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردار نعرا ھڻندا گھنٽاگھر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو ت فوڊ گدامن ۾ ججھي مقدار ۾ ڪڻڪ پيل آھي جيڪو خراب ٿي رھيو آھي ڪوئا کائي رھيا آھن غريبن کي سازش تحت بليڪ تي اٽو ۽ روز مره جي شين جا اگھ مھانگا ڪري غريبن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي مھنگائي تي ڪنٽرول ن ڪيو ويو ۽ اٽو سستو ن ٿيو ت احتجاج جاري رھندو.
ھوڏانھن ڊي سي منور مٺياڻي ۽ ڊي ايف سي چيو ته ضلعي ۾ 16 کان وڌيڪ سسٽي جا اسٽال لڳل آھن ۽ مھنگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لا اي سيز کي ھدايتو ن ڏنيون آھن .

پنھنجي راءِ لکو